ڪرينا ۽ سيف علي خان ٻنهي پٽن سميت ڏکڻ آفريڪا ۾ موڪلون گذاري واپس روانا

kareena kapoor

ڪرينا ڪپور خان ۽ سيف علي خان تازو ئي پنهنجن پٽن جهانگير علي خان ۽ تيمور علي خان سان گڏ خانداني موڪلن تي هئا.

ڪرينا ڪپور سماجي رابطن واري سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي مداحن سان پنهنجي موڪلن جي حوالي سان شيئر ڪندي ڏکڻ آفريڪا کي الوداع ڪرڻ واري هڪ تصوير پوسٽ ڪئي آهي.

تصوير ۾ ڪرينا ڪپور پنهنجي ننڍي پٽ جهانگير جو هٿ پڪڙيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته سيف علي خان وري تيمور جو هڪ پڪڙي وڃي ٿو.

فيملي ڪئميرا کان منهن پاسيرو ڪري رهي آهي ۽ هڪ خانگي جهاز ڏانهن هلندي نظر اچي رهي آهي.

ڪرينا ڪپور گري رنگ جي لباس ۾ ملبوس آهي، جڏهن ته جهانگير کي سفيد پتلون سان گڏ سفيد هوڊي پاتل آهي.

سيف علي خان ڳاڙهي رنگ جي ٽي شرٽ پائي رکي آهي، جنهن سان آستين جي گهري نيري رنگ جو ڪوٽ ۽ نيري پتلون سان بيريٽ آهي، جڏهن ته تيمور کي نيري جينز سان گڏ هلڪو گري رنگ جي جيڪٽ پهريل آهي.

ان کان علاوه ڪرينا ڪپور فلم ”دي ڪريو“ جي شوٽنگ شروع ڪندي، جنهن ۾ ڪريتي سينن، تبو ۽ دلجيت دوسانجه به شامل آهن.

Read Previous

سلمان خان ۽ شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽائيگر 3 ۾ اسڪرين تي نظر ايندا

Read Next

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو

Most Popular