وزيراعظم پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت صدر جي خط کي پي ٽي آءِ جي پريس رليز قرار ڏئي ڇڏيو

صدر، وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخن بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي لکيل خط جي مواد کي هڪ طرفو ۽ حڪومت مخالف خيالن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.

صدر جي 24 مارچ جي خط جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو خط جي صاف نوعيت تي مايوسي جو اظهار ڪرڻ تي مجبور ٿيو، جيڪو مخالف سياسي پارٽين جي ڪجهه حصن جهڙوڪ پي ٽي آءِ جي پريس وانگر آهي.

وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل خط ۾ وزيراعظم صدر کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته هن پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي اهڙو ئي ڪم ڪيو آهي.

انهن موقعن ۾ اڳوڻي وزيراعظم (عمران خان) جي غير قانوني هدايتن تي 3 اپريل 2022 تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو خط به شامل هو، جنهن کي سپريم ڪورٽ گذريل سال 7 اپريل تي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ سندس وزيراعظم ٿيڻ تي به صدر مملڪت آرٽيڪل 91 جي شق (5) تحت پنهنجي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هو.

هن چيو. مٿين ۽ ٻين ڪيترن ئي واقعن باوجود جتي توهان آئيني طور تي چونڊيل حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرگرم ڪم ڪيو، مون توهان سان سٺا تعلقات برقرار رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، تنهن هوندي به، توهان جي خط جي مواد، اوهان جي لهجي ۽ زبان مون کي ان جو جواب ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي.

Read Previous

سنڌ۾ مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي جي شڪايتن وارين پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ جاري

Read Next

جهل مگسي ۽ ڀرپاسي 4 ڏهائي 3 جي زور سان زلزلي جا لوڏا

Most Popular