سنڌ۾ مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي جي شڪايتن وارين پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ جاري

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اعلان موجب گذريل مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي جي الزامن جي جواب ۾ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ اڄ ٻيهر پولنگ ٿي رهي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ جنرل ميمبرن جي سيٽن تي ٻيهر پولنگ ٿي رهي آهي.

پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهنديم اليڪشن ڪميشن طرفان ٻيهر پولنگ جي عمل جي نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن ووٽنگ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.

ان کانسواءِ پولنگ اسٽيشنن تي سڪيورٽي اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن پولنگ عمل ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کانسواءِ جاري رهي.

15 ضلعن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 196,687 آهي، جن ۾ 59,310 مرد ۽ 50,377 عورت ووٽر شامل آهن.

مڪاني چونڊن ۾ 15 ضلعي رٽرننگ آفيسر، 26 رٽرننگ آفيسر ۽ 52 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته 15 ضلعن ۾ ڪل 81 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ مردن لاءِ 21، عورتن لاءِ 22 ۽ مردن ۽ عورتن لاءِ 38 گڏيل اسٽيشنون شامل آهن.

Read Previous

فاشسٽ عمران اقتدار لاءِ ناپاڪ عنصرن سان اتحاد ڪري پيو، خواجا سعد

Read Next

وزيراعظم پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت صدر جي خط کي پي ٽي آءِ جي پريس رليز قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular