يوٽاهه سوشل ميڊيا تائين نوجوانن جي پهچ محدود ڪرڻ واري پهرين امريڪي رياست بڻجي وئي

يوٽاهه پهرين آمريڪي رياست بڻجي وئي آهي، جنهن سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ٻارن کي انهن جي ايپس استعمال ڪرڻ لاءِ ڏيڻ ۽ صارفين جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ بابت والدين جي رضامندي حاصل ڪرڻ جو پابند بڻايو آهي.

گورنر چيو ته هن رياست ۾ ٻن وڏن قدمن تي صحيحون ڪيون آهن، جيڪو بل نوجوانن جي حفاظت لاءِ والدين کي پنهنجي ٻارن جي آن لائين اڪائونٽس تائين پوسٽن ۽ نجي پيغامن سميت مڪمل پهچ ڏيندو.

هن چيو ته اهو اهم قدم ٻارن جي ذهني صحت تي سوشل ميڊيا جي اثرن بابت وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکي کنيو ويو آهي.

هن چيو ته لاڳو ڪيل قدمن تحت والدين يا سرپرست جي واضح رضامندي جي ضرورت هوندي، ان کان اڳ جو ٻار ايپس جهڙوڪ فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي اڪائونٽ ٺاهي سگهن.

بل پڻ هڪ سوشل ميڊيا ڪرفيو لاڳو ڪري ٿو، جيڪو 22:30 ۽ 06:30 جي وچ ۾ ٻارن جي رسائي کي محدود ڪري ٿو، جيستائين انهن جي والدين طرفان ترتيب نه ڏني وڃي.

هن قانون تحت، سوشل ميڊيا ڪمپنيون هاڻي ٻار جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ يا انهن کي اشتهارن لاءِ ٽارگيٽ ڪرڻ جي قابل نه هونديون.

ٻئي بل پهرين مارچ 2024 کان لاڳو ٿيندا، جنهن جو مقصد سوشل ميڊيا ڪمپنين خلاف ڪارروائي کي آسان بڻائڻ آهي.

ريپبلڪن گورنر اسپينسر ڪاڪس ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ چيو ته اسان سوشل ميڊيا ڪمپنين کي پنهنجي نوجوانن جي ذهني صحت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون.

هن وڌيڪ چيو ته اڳواڻ ۽ والدين جي حيثيت سان اسان جي ذميواري آهي ته پنهنجي نوجوانن جي حفاظت ڪريون.

Read Previous

ڪوٽڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس مسافرن جي حاضري دماغي سبب وڏي حادثي کان بچي وئي

Read Next

ون ويب لانچ خلائي انٽرنيٽ منصوبو مڪمل ڪري ورتو

Most Popular