ڪوٽڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس مسافرن جي حاضري دماغي سبب وڏي حادثي کان بچي وئي

ڪوٽڙي( رپورٽ: خالد مهيسر) ڪراچي کان پشاور ويندڙ هزاره ايڪسپريس مسافرن جي حاضر دماغي سان وڏي حادثي کان بچي وئي .

ميٽنگ اسٽيشن ڪراس ڪرڻ بعد ٻولهاڙي اسٽيشن پهچڻ کان پهرين ھزاره ايڪسپريس جي هڪ گاڏي کي نقصان پهتو.

هڪ ڊٻو باٿ روم کان ڊيميج ٿيڻ ڪري مسافرن فوري ايمرجنسي چين ڇڪي ريل گاڏي کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي.

ريلوي ريسڪيو عملي موقعي تي پهچي خراب ٿيل ڊٻي کي الڳ ڪري 2 ڪلاڪ دير سان ٽرين کي روانو ڪيو.

Read Previous

حيدرآباد پوليس ڄامشوري مان کنڀيل شخص جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، وارث عورت جو احتجاج

Read Next

يوٽاهه سوشل ميڊيا تائين نوجوانن جي پهچ محدود ڪرڻ واري پهرين امريڪي رياست بڻجي وئي

Most Popular