حڪومت پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جي حق تي قانون سازي ڪندي

fed cabnet

حڪومت عدالتي سڌارن لاءِ فوري طور تي قانون سازي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻمرادو نوٽيسن خلاف اپيل جي حق تي قانون سازي جاري آهي.

تجويز ڪيل قانون سازي کانپوءِ رڳو چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال نه ڪري سگهندو، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار فل ڪورٽ کي ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ٻي تجويز غور هيٺ آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچن جي جوڙجڪ ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صدر بل واپس ڪري ٿو ته اهو گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي اڄ اهم قانون پاس ڪندي، ڏينهن جو شروع ٿيندڙ اسيمبلي جو اجلاس افطار کانپوءِ ٻيهر شروع ٿيندو.

ايوان ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ وفاقي ڪابينا طرفان تجويز ڪيل قانون جي منظوري ڏني ويندي، ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم نذير تارڙ بل جو مسودو تيار ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪابينا ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي.

Read Previous

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جو معاملو، چيف جسٽس پگھارن مان ڪٽوتي جي تجويز ڏئي ڇڏي

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف جي عمران خان سان نرم رويو اختيار ڪرڻ تي عدليه تي تنقيد

Most Popular