وفاقي ڪابينا پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جي حق بابت بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

fed cabnet

ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاران پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ حڪومت ۽ جو اليڪشن ڪميشن کي 90 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ وارو حڪم ڏيڻ کانپوءِ حڪومت عدالتي سڌارن لاءِ تڪڙي قانون سازي جو فيصلو ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تجويز ڪيل قانون جي مسودي جي منظوري ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ان کي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نذير تارڙ بل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن کي ڪابينا حتمي شڪل ڏني آهي، جنهن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ خاص اجلاس طلب ڪيل آهي.

هاڻي اهو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، اسيمبلي اڄ تجويز ڪيل بل قانون ۽ انصاف بابت پنهنجي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي محمود بشير ورڪ جي صدارت هيٺ ٿيندو.

اسٽينڊنگ ڪميٽي بل جي منظوري ڏئي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ ان جي ان ئي ڏينهن حتمي منظوري ڏني ويندي.

ان کان پوءِ تجويز ڪيل بل خميس تي سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو، قانون واري وزير سپريم ڪورٽ جا مڪمل اختيار محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني.

Read Previous

پاڪستان جو آمريڪا ۾ ڊيموڪريسي سمٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو سعودي ۽ يو اي اِي جي مالي مدد سان مشروط هوندو

Most Popular