سنڌ ۾ ايمبولينس مان ڦر جو وڌيڪ هڪ واقعو، قاضي احمد ڀرسان ڦورن جو ڊرائيور تي تشدد، ڦرلٽ

qazi ahmed

قاضي احمد ( رپورٽ: امجد علي جتوئي ) سنڌ ۾ ايمبولينس مان ڦر جو وڌيڪ هڪ واقعو پيش آيو آهي، قاضي احمد ڀرسان ڦورن جو ڊرائيور تي تشدد بعد ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.

ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ بيمار ٻارڙي سائمه ڌيءَ بشير ڀنڊ کي ڇڏي واپس موٽندڙ ايمبولينس هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

سڪندر ڏاهري موري وٽان موٽر سائيڪل سوار ڦورن ايمبولنس ڊرائيور معشوق ڀٽي کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو.

هٿياربند ساڍا چار هزار رپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي محراب راهو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

Read Previous

گذريل حڪومت جي پاليسين سبب اهڙا معاشي نتيجا سامهون آيا، جيڪي ڪنٽرول ۾ ئي ناهن: بلاول ڀٽو

Read Next

سانگهڙ ۾ ضلعي انتظاميا پاران رمضان بچت بازار لڳائي وئي

Most Popular