اجي ديوگن جي فلم ڀولا پهرين ڏينهن 10 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا

بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪرين تي پنهنجو جادو ڏيکارڻ اچي ويو آهي، باڪس آفيس تي سندس فلم ڇانيل آهي.

درشيم 2 جي بلاڪ بسٽر کانپوءِ، اداڪار هن وقت ڀولا ۾ نظر اچي رهيو آهي، جيڪا 30 مارچ تي سينيما گهرن جي زينت بڻي آهي.

هن فلم جي هدايتڪاري به اجي ديوگن پاڻ ڪئي آهي، ڀولا ۾ تبو پڻ شامل آهي، شروعاتي رپورٽن موجب فلم پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي تقريبا 10 ڪروڙ رپين سان مضبوط شروعات ڪئي آهي.

ڀولا جي رليز جو ڏينهن به رام نومي جي موڪل جو ڏيهاڙو هو، ان ڪري لڳي ٿو ته هن جي حق ۾ ثابت ٿيو.

Read Previous

ڪڪڙ ۾ ڳوٺاڻن جو ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

پريانڪا چوپڙا جي ايڪشن سان ڀرپور فلم سيٽاڊيل جو نئون ٽريلر جاري

Most Popular