ڪڪڙ ۾ ڳوٺاڻن جو ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪڪڙ )رپورٽر) ڪڪڙ ۾ ڳوٺاڻن بااثرن جي زيادتين ۽ ٻن نوجوانن کي مبينا اغوا ڪري گم ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مري برادري جي بااثرن جي زيادتين ۽ ٻن نوجوانن کي مبينا اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف ڳوٺاڻن ريحان ابڙو، نظير ابڙو، شھمير ابڙو، نواب بروهي، مختيار بروهي، عنايت ابڙو، رستم ابڙو، غازي درمحمد بروهي، منير بروهي ۽ سراج بروهي سميت ٻين پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مري برادري جي بااثرن عمر مري، غلام رسول مري، برڪت مري، لياقت مري سميت ويهارو هٿياربندن مال جي ڀيل واري معمولي ڳالهه تان ڳوٺ تي هلان ڪري تڏي تي ويٺلن مٿان لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو.

هنن چيو ته ابڙا برادري جي ڳوٺاڻن ۽ مهمان ٿي ويل بروهي برادري جو نوجوان ٿاڻي تي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي ته بااثر هٿياربند ٿاڻي تي پهچي پوليس جي سامهون فريادين کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ فريادي نوجوانن غلام مصطفيٰ بروهي ۽ پيرل ابڙو کي ڀڄائي سموري شھر ۾ هٿيارن جو نمائش ڪندي علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيو، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ٻنهي نوجوانن کي مبينا اغوا ڪري کڻي ويا.

هنن چيو ته دانهون ۽ ڪوڪون ڪرڻ تي پوليس مغوي نوجوانن جي موٽرسائيڪل مري برادري کان واپس ڪرائي پر افسوس پوليس کين بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي وئي آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته بااثرن وڏا ڏوهاري قسم جا ماڻهو آھن ، جن جو علائقي ۾ وياج جو ڪاروبار هلندڙ آھي، مٿن مختلف اغوائن، قتل، چورين ۽ ڦرن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آھن.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثرن جي زيادتين ۽ مبينا نوجوانن کي اغوا ڪرڻ جو نوٽيس وٺي مٿن ڪيس داخل ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

ڀٽ شاهه صوفي ازم يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي تحقيقي مقالي تي انعام سان نوازيو ويو

Read Next

اجي ديوگن جي فلم ڀولا پهرين ڏينهن 10 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا

Most Popular