عدليا ۽ سياستدان پاڻ سان گڏ ٻين کي به ٻوڙي رھيا آھن، اياز پليجو

اياز لطيف

حيدآباد (رپورٽ: نسيم احمد سھتو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ھي ملڪ آھي مذاق ناھي جو عدليا ۽ سياستدان پاڻ سان گڏ ٻين کي به ٻوڙي رھيا آھن.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اياز پليجو چيو ته تباھ ٿيل ملڪي معيشت تي رحم ڪيو، 7 بدران 3 رڪني بينچ فيصلو ڪندي ته حڪومت ۽ اي سي پي نه مڃيندا.

هن چيو ته حڪومت جو فيصلو عدالت ۽ مخالف ڌر قبول نه ڪندا، ٻاهرين ڊڪٽيشن قبول ڪرڻ سبب اسان جا ادارا مستحڪم ناهن.

اياز لطيف پليجو چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جون پاڙون مضبوط ناھن، جمھوريت انصاف ۽ برابري بدران ڦرلٽ جو نظام ۽ نعرو بڻجي وئي آھي.

Read Previous

اليڪشن ڪيس ۾ بئنچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن تسليم ڪنداسين، نواز شريف

Read Next

جاتي لڳ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ لٺيون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular