اليڪشن ڪيس ۾ بئنچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن تسليم ڪنداسين، نواز شريف

مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اليڪشن ڪيس ۾ فل ڪورٽ جو مطالبو، بئنچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن تسليم ڪنداسين.

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ چونڊن جي التويٰ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندڙ ٽَي رڪني بينچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو.

نواز شريف چيو ته انهن بينچن جي فيصلن ئي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي، اهڙا فيصلا نه ٿيڻ گهرجن، جيڪي ملڪ ۽ قوم کي تباهه ڪري ڇڏين، اسان کي بينچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن قبول ڪنداسين.

هن چيو ته آئون پنهنجي قوم کي چوندس ته اکيون کوليو، اوهان خلاف ڪريل مذاق ٿي رهيو آهي، 2017ع ۾ سڀئي ماڻهو خوش هئا، پيٽ ڀري کاڌو ملندو هو، ملڪ ۾ موٽر وي بڻيا، دهشتگردي ختم ٿي وئي هئي.

سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا مٿانهين سطح تي هئا پر 2017ع بعد هڪ هڪ ارب ڊالر لاءِ پاڪستان کي پنهنجي دوستن وٽ درخواست ڪرڻي پوي ٿي.

مسلم ليگ ن جو سربراهه چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو مونکي 2017ع جو تسلسل لڳي پيو، انهن پاڪستان سان ڪريل مذاق ڪيو آهي ۽ انهن ئي بينچن جي فيصلن تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ ۾ جيڪي جج ملوث هئا، انهن مان ٽَي اهي ئي هئا، باقي ريٽائرڊ ٿي چڪا آهن، هڪ شخص خاطر سياست پئي ٿئي ۽ هڪ شخص خاطر فيصلا ٻڌايا پيا وڃن.

Read Previous

راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ڪيس داخل ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

Read Next

عدليا ۽ سياستدان پاڻ سان گڏ ٻين کي به ٻوڙي رھيا آھن، اياز پليجو

Most Popular