گجرات ڏڦيڙ: مسلمانن جي اجتماعي زيادتي ۽ قتل عام ۾ ملوث سمورا جوابدار بري

Gujrat India

نئين دهلي: ڀارت جي هڪ عدالت گجرات فسادن ۾ مسلمانن جي اجتماعي زيادتي ۽ قتل عام ۾ ملوث سمورن 26 جوابدارن کي 20 سال پراڻي ڪيس ۾ ثبوتن جي کوٽ ڄاڻائي بري ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پنچ محل ضلعي جي ايڊيشنل سيشن جج ليلا ڀائي چوڊاسما جي عدالت 20 سال پراڻي ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي 2002ع جي فسادن دوران مسلمانن جي اجتماعي قتل ۽ اجتماعي ريپ جي سمورن 26 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

ڪيس ۾ ٽوٽل39 جوابدارن مان 13 جوابدار ٽرائل دوران فوت ٿي ويا، پراسيڪيوشن دليل جي حمايت ۾ 190 شاهدن ۽ 334 دستاويزي ثبوتن جي جاچ ڪئي پر عدالت ٻٽو معيار اختيار ڪندي دليلن جي حمايت نه ڪئي.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار انهيءَ ميڙ جو حصو هئا، جن پهرين مارچ 2002 تي فرقيوار فسادن ۾ مسلمان عورتن جو اجتماعي قتل ۽ اجتماعي لڄالٽ ڪئي.

27 فيبروري تي گوڌرا ۾ سابرمتي ٽرين کي ساڙڻ واري واقعي کانپوءِ. ساڳئي سال 2 مارچ تي ڪالول ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.

Read Previous

مني ايڪسچينجرز حڪومت کي 12 ارب ڊالر آڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

Read Next

اليڪشن ڪيس: حڪمران اتحاد جو موجوده بئنچ تي اعتراض لڳائڻ جو فيصلو

Most Popular