مني ايڪسچينجرز حڪومت کي 12 ارب ڊالر آڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

ڊالر مهانگو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن آف پاڪستان پاران ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ ۽ مٽا سٽا جي شرح کي مستحڪم ڪرڻ جي تجويزن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کانپوءِ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي به ايڪسچينج ڪمپنين جي نمائندن کي ايندڙ هفتي بريفنگ لاءِ طلب ڪري ورتو.

ان باري ۾ انجمن جي اڳواڻ ملڪ بوستان سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ هفتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

ڪميٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو مٽا سٽا جي شرح کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايسوسي ايشن جي تجويزن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي موڪليندا.

ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت تجويزن جو جائزو وٺي رهي آهي، عمل جوڳين تجويزن تي عملدرآمد ڪيو ويندو.

Read Previous

ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو به ٻڙي ٿيندو، شيخ رشيد

Read Next

گجرات ڏڦيڙ: مسلمانن جي اجتماعي زيادتي ۽ قتل عام ۾ ملوث سمورا جوابدار بري

Most Popular