وزيراعظم ۽ ڪابينا 3 رڪني بينچ جي فيصلي تي عمل نه ڪن، قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

قومي اسيمبلي پنجاب جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي کي رد ڪندي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا کي ان فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو پابند ڪيو.

اهو ٺهراءُ بلوچستان عوامي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر خالد مگسي پيش ڪيو، جيڪو اسيمبلي ميمبرن اڪثريت سان منظور ڪيو.

ٺهراءُ موجب هن ايوان 28 مارچ تي سوموٽو نوٽيس ڪيس نمبر 1/2023 تي سپريم ڪورٽ جي چئن ججن جي اڪثريتي فيصلي جي حمايت ڪئي، ان تي عمل ۽ اعليٰ عدليه کان سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ غير ضروري مداخلت کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر حلقن به فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو هو پر اهو منظور نه ڪيو ويو، هڪ کانسواءِ ٻين سياسي پارٽين جو موقف به نه ٻڌو ويو.

پارليامينٽ جي واضح ٺهراءُ ۽ سپريم ڪورٽ جي 4 رڪني اڪثريت واري فيصلي کي نظر انداز ڪندي 3 رڪني اسپيشل بينچ اقليتي راءِ قائم ڪئي، جيڪا سپريم ڪورٽ جي پنهنجي روايتن، اصولن ۽ طريقيڪار جي به خلاف ورزي آهي.

اسيمبلي ميمبرن اتفاق راءِ سان ٺهراءُ پاس ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن محسن لغاري ۽ محمود باقي مولوي ان جي مخالفت ڪئي.

Read Previous

پي ٽي آءِ پختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

Read Next

سنڌ حڪومت جو گئس ورڇ پاليسي تي نظرثاني جو مطالبو، وفاق پاران ڪميٽي قائم

Most Popular