نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿيڻ تي اعظم خان جو سخت ردعمل

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين اعظم خان اپريل ۾ نيوزيلينڊ خلاف شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي راند ۽ فٽنيس تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران سيريز لاءِ اسڪواڊز جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ سندس ردعمل سامهون آيو.

اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي پٽ اعظم خان کي افغانستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ کانپوءِ کيس اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن اسلام آباد يونائيٽيڊ لاءِ کيڏيو.

شارجه ۾ افغانستان خلاف سيريز دوران آرام حاصل ڪندڙ سينيئر رانديگرن جي واپسي ٿي آهي، جن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، فخر زمان، حارث رئوف ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن.

ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هلچل مچائيندڙ شاهين شاهه آفريدي چئن مهينن جي وقفي کانپوءِ واپسي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پي سي بي موجب شاهين شاهه آفريدي نومبر ۾ ٿيندڙ آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ دوران انجري سبب 5 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچز کيڏي نه سگهيو هو

Read Previous

بپاشا باسو پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ ديوي جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ لاءِ آمريڪا کان مدد گهري ورتي

Most Popular