بپاشا باسو پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ ديوي جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو

بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو ۽ ڪرن سنگهه گروور گذريل سال اڳ پنهنجي پهرين ڌيءَ ديوي جي آجيان ڪئي ۽ ان وقت کان وٺي ٻئي والدين جي حيثيت ۾ سفر جون نمايان ڳالهيون شيئر ڪندا رهيا آهن.

بپاشا باسو جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڌيءَ جو چهرو ڏيکارڻ کان پاسو ڪندي هئي، اربع ڏهاڙي بپاشا جي ديوي جو چهرو ڪئميرا آڏو چمڪي پيو.

بپاشا باسو پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊل تي ديوي جون ٻه تصويرون شيئر ڪيون ۽ هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هيلو دنيا، مان هڪ ديوي آهيان.

بپاشا باسو ۽ ڪرن سنگهه گروور 30 اپريل 2016 تي شادي ڪئي، سندن ڌيءَ ديوي 12 نومبر 2022 تي پيدا ٿي.

Read Previous

ملائڪا اروڙا پاران جلد ارجن ڪپور سان شادي ڪرڻ جو اعلان

Read Next

نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿيڻ تي اعظم خان جو سخت ردعمل

Most Popular