ندا ڊار پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽنهي فارميٽس لاءِ ڪپتان مقرر

Nida Dar

ندا ڊار کي فيبروري ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج مان نڪرڻ ۽ بسمه معروف جي استعيفيٰ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل فارميٽ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي،

پي سي بي به مارڪ ڪولز جي هيڊ ڪوچ طور مقرري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته سليم جعفر وومين سليڪشن ڪميٽي جي سربراهي ڪندو.

36 ورهين جي ندا ڊار عورتن جي ٽي 20 ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي، هن 130 ميچن ۾ 126 وڪيٽون ورتيون.

ندا ڊار هن فارميٽ ۾ 100.95 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 1687 رنسون به ٺاهيون آهن، ون ڊي ۾ هن 99 ميچن ۾ 91 وڪيٽون ۽ 1535 رنسون ٺاهيون آهن.

ندا ڊار چيو ته قومي ٽيم جي قيادت ڪرڻ هڪ وڏي ذميواري آهي ۽ مان ايندڙ ايونٽس ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان.

هن چيو ته اها ذميواري ڏيڻ تي پي سي بي جي ٿورائتي آهيان ۽ ٽيم کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنديس.

Read Previous

اين ايم اي سي سي گالا: شاهه رخ خان جون پان چٻائڻ واريون تصويرون وائرل

Read Next

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اهم ملاقات

Most Popular