آصف زرداري جو حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ غير مشروط ڳالهين تي زور

اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي مخالف ڌر سان بنا ڪنهن شرط جي ڳالهين جو مشورو ڏنو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر حڪومت تي زور ڏنو ته اها مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ شرطن کان پاسو ڪري.

هن چيو ته اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف به قومي مصالحتي آرڊيننس (اين آر او) جي صورت ۾ مون سان ڪيل غلطين جو اعتراف ڪيو آهي، ڳالهين ذريعي سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي.

آصف علي زرداري آئين جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان سندن ابن ڏاڏن ٺاهيو ۽ ان جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به مذهب کي سياست لاءِ استعمال نه ڪيو ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪو ذوالفقار ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن جو خواب هو.

آصف علي زرداري چيو ته سندس پارٽي ملڪ لاءِ رت ڏنو آهي ۽ ايئن ڪندي رهندي، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان کپي جو نعرو بلند ڪيو.

پ پ اڳواڻ دوستن کي دشمن بڻائڻ وارن کان خبردار ڪندي چيو ته هو ڪنهن کي به آئين سان ٽڪراءَ جي اجازت نه ڏيندا.

Read Previous

اليڪشن خرچن جو بل ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش

Read Next

شاهه رخ خان ڪولڪتا ۾ تيزاب حملي جي متاثرن جون دليون کٽي ورتيون

Most Popular