مريم نواز ڪٽنب سوڌو عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب پهچي وئي

Maryam Nawaz

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز عمري جي ادائگي لاءِ جده پهچي وئي، والد نواز شريف سان گڏ سعودي شاهي خاندان جي مهمان هوندي.

مريم نواز جو جده پهچڻ تي پارٽي ڪارڪنن ۽ ڀاءُ حسن نواز ۽ سندس گهروارن استقبال ڪيو، سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر، سندن ٻار، ڊاڪٽر عدنان، راڻا عمران منجهان ۽ مجموعي طور 25 ماڻهو موجود هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ لنڊن کان سعودي عرب پهچندو.

رپورٽن مطابق مريم نواز والد جي آمد تائين جده ۾ ئي رهندي، ٻئي پيءُ ۽ ڌيءُ عمري جي ادائگي لاءِ مڪي شريف ويندا.

مريم نواز لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان سعودي ايئر لائين جي اڏام ذريعي جده رواني ٿي وئي.

نواز شريف ۽ مريم نواز سعودي شاهي خاندان سان به ملاقاتون ڪندا ۽ رمضان المبارڪ جا آخري 10 ڏينهن مڪي ۽ مديني ۾ گذاريندا.

Read Previous

The Best Places To Seek Out An Adult Chat Room

Read Next

عمران خان پنهنجو رويو نه بدلايو ته آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ٿينديون: راڻا ثناءُ الله

Most Popular