عمران خان پنهنجو رويو نه بدلايو ته آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ٿينديون: راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجو رويو نه تبديل ڪيو ته آڪٽوبر ۾ چونڊون نه ٿينديون.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي بنيادي ذميواري ملڪ جي آئين جو تحفظ ڪرڻ آهي، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسيمبلي جو اسپيڪر چيف جسٽس سان ڳالهه ٻولهه ڪري مسئلا حل ڪري.

وفاقي وزير ان اعتماد جو به اظهار ڪيو ته جسٽس عمر عطا بنديال جيڪو هن وقت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آهي، سندس آڏو ايندڙ ڪنهن به معاملي ۾ لچڪدار موقف نه کڻندو.

راڻا ثناءُ الله قانون سازي جي عمل ۾ پارليامينٽ جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته پارليامينٽ کي آئين ۽ قانون ٺاهڻو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان پاس ڪيل بل کي 10 ڏينهن اندر صدر جي منظوري نه ملي ته اهو 11هين ڏينهن پاڻمرادو قانون بڻجي ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته جسٽس منصور علي شاهه جي تازي فيصلي هڪ خاص اقدام کي ’ون مين شو‘ قرار ڏنو آهي، جنهن سان اداري جي سالميت کي نقصان پهچندو.

گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود نه ڪيا آهن، ججن جي اختلافي نوٽس پارليامينٽ کي سوچڻ تي مجبور ڪيو.

هن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت جي فيصلي کي به ساراهيو ۽ تجويز ڏني ته چيف جسٽس سميت سمورن ججن کي شرڪت ڪرڻ گهرجي ها.

Read Previous

مريم نواز ڪٽنب سوڌو عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب پهچي وئي

Read Next

توشه خانه ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد

Most Popular