ڪمشنر قلات جي قافلي سان حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

سوراب: قلات ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، قلات ڊويزن جي ڪمشنر دائود خان خلجي جي قافلي ۾ شامل گاڏي روڊ جي ڪناري تي بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو سوراب واري علائقي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪمشنر خضدار کان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو، 3 ليويز اهلڪار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال سوراب منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.

ڪمشنر ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.

Read Previous

توشه خانه ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست رد

Read Next

پيرسن شخص جي فاسٽ بالنگ کان شعيب اختر سخت متاثر

Most Popular