انڊونيشيا ۾ اسٽيڊيم واقعي کانپوءِ پهريون ڀيرو روايتي حريف فٽبال ٽيمون آمهون سامهون

انڊونيشيا جون ٻه فٽبال ٽيمون، جن جي آخري ميچ راندين جي تاريخ جي سڀ کان خطرناڪ سانحي ۾ ختم ٿي هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر سخت سيڪيورٽي ۽ تماشائن کانسواءِ آمهون سامهون ٿيون.

آڪٽوبر ۾، اوڀر جاوا جي ملنگ ۾ ڪنجوروهان اسٽيڊيم ۾ ڀاڄ جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ ٻارن سميت 135 ڄڻا مارجي ويا.

هڪ ٽيم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ مخالف ٽيم جي تماشائين جي ميدان ۾ حملي بعد پوليس پاران ڀريل اسٽينڊ ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪرڻ سبب واقعو پيش آيو.

ٻئي ٽيمون انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارتا جي نيشنل پوليس فورس جي ملڪيت واري اسٽيڊيم ۾اڱاري ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون ٿيون،.

ميچ پرسبيا کي 1-0 جي شڪست تي ختم ڪيو ويو جڏهن اريما آخري منٽ ۾ پينالٽي وڃايو.

پرسبيايا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي لکيو ته انسانيت سڀني کان مٿانهون آهي، مقابلو صرف 90 منٽن لاءِ آهي. ان کان پوءِ اسين ڀائر آهيون.

Read Previous

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات

Read Next

عاليه ڀٽ به ميٽ گالا ريڊ ڪارپيٽ تي پوز ڏيندي نظر ايندي

Most Popular