قومي سلامتي بابت غور ويچار لاءِ قومي اسيمبلي جو ان ڪئميرا اجلاس

Shehbaz sharif

اعليٰ فوجي قيادت اڄ قومي اسيمبلي ۾ ان ڪئميرا اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي.

اها اڳڀرائي خيبرپختونخواهه جي تازو قائم ٿيل قبائلي ضلعن جي قانون سازن جي سخت مزاحمت جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، جن علائقي ۾ نئين فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي.

اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ شدت پسندن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪرڻ واري فيصلي تي حڪومتي بينچن تان اختلاف ظاهر ڪرڻ اڄ منجهند اڍائي وڳي قومي اسيمبلي ۾ ان ڪيمرا بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اهڙو اعلان ڪالهه ايوان جي ڪارروائي دوران فوجي آپريشن جي رٿ تي پارليامينٽ ميمبرن جي مخالفت کانپوءِ ڪيو ويو.

اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن حڪومت آپريشن شروع ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي جي چوڌاري خدشن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

اجلاس ۾ وفاقي وزير، صلاحڪار، ايم اين ايز ۽ وڏا وزير، گهرو، پرڏيهي، ناڻي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات سميت مختلف وزارتن جا وفاقي سيڪريٽري شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرلز جي به شرڪت جو امڪان آهي.

Read Previous

1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي: 50 رپين جو يادگار سڪو جاري

Read Next

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي فنڊز اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ جو حڪم

Most Popular