پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي فنڊز اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ جو حڪم

سپریم کورٹ

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي عام چونڊن لاءِ فنڊز جي ادائگي نه ڪرڻ تي ججن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻو پوندو، عدالت اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر کي اليڪشن ڪميشن کي سڌي ريت فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته وفاقي حڪومت 4 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪيو آهي، وفاقي ڪنسوليڊيٽيڊ فنڊز مان رقم لاءِ پارليامينٽ ۾ بل جمع ڪرايو.

هن چيو ته پارليامينٽ چونڊن لاءِ وفاق جي ڪنسوليڊيٽيڊ فنڊز جاري ڪرڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ طرفان بل رد ٿيڻ بعد حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ نٿي چئي سگهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به شامل آهن.

ان کان اڳ جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سيما ڪامل، ناڻي وارو اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس 3 رڪني بينچ آڏو پيش ٿيا.

اٽارني جنرل، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا آفيسر به چيمبر ۾ پيش ٿيا.

ان موقعي تي اٽارني جنرل چيو ته فنڊ جاري ڪرڻ واري معاملي ۾ وفاقي حڪومت بي وس آهي، پارليامينٽ حڪومت کي فنڊ جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي ڏنو.

ذريعن موجب ٻڌڻي دوران وقتي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سان گڏ ٻيا آفيسر به ٻاهر موڪليا ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي دوران ناڻي واري وزارت جي اسپيشل ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري کانسواءِ ٻيا آفيسر به پيش ٿيا، جڏهن ته اٽارني جنرل، سيڪريٽري ۽ ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن ٻڌڻيءَ دوران موجود هئا.

Read Previous

قومي سلامتي بابت غور ويچار لاءِ قومي اسيمبلي جو ان ڪئميرا اجلاس

Read Next

چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 8 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

Most Popular