پاڪستان جي فٽبال ٽيم جون ۾ ڀارت ويندي

لاهور: پاڪستان جي فٽبال ٽيم جون ۾ ڀارت ويندي، قومي ٽيم 21 جون کان 3 جولاءِ تائين بنگلور ۾ کيڏي ويندڙ سائوٿ ايشين فٽبال چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪندي.

پاڪستان فٽبال نارملائيزيشن ڪميٽي ڀارت ۾ ٿيندڙ چيمپيئن شپ ۾ قومي ٽيم جي شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ويزا جي بروقت جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عيد کانپوءِ ضروري ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

قومي ٽيم جي پرڏيهي اڏام ذريعي ڀارت روانگي لاءِ انتظام ڪيا ويندا، چيمپيئن شپ جي تيارين لاءِ فٽبال ٽيم جو ڪيمپ مئي جي آخري هفتي ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ڀارتي ٽيم ساف چيمپيئن شپ ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.

Read Previous

عمران خان يقين ڏياريو ته آمريڪا جو مخالف ناهي: آمريڪي پارليامينٽ ميمبر بريڊ شرمين

Read Next

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽئين ٽِي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي

Most Popular