اسرائيل کان سڌيءَ طرح جده حج اڏامن جو امڪان

هن سال اسرائيل کان جده تائين سڌي ريت حج اڏامن جو امڪان آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي اختيارين سعودي عرب جي کي باضابطه درخواست ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي آبادي جو 18 سيڪڙو مسلمانن تي ٻڌل آهي ۽ جون کان آگسٽ تائين اڏامون هلائڻ جو امڪان آهي.

پرڏيهي خابرو اداري چيو آهي ته سعودي عرب اسرائيل مان حج اڏامن بابت اڃا تائين پنهنجو موقف نه ڏنو آهي.

اسرائيل ۽ فلسطين جا مسلمان ٻين ملڪن ذريعي حج لاءِ ويندا رهيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جو اهو به چوڻ آهي ته اسرائيل کان سڌي سنئين حج اڏامن سان حج خرچن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

Read Previous

شيرين مزاري جي بيان تي سعيد غني جو رد عمل

Read Next

حڪومت پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس ائنڊ پروسيجرل قانون خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا

Most Popular