عامر خان بلاڪ بسٽر فلم ”گجني“ جو سيڪوئل ٺاهي رهيو آهي؟

بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪٽ عامر خان بابت ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون هلي رهيون آهن ته هو پنهنجي ڪو پروڊيوسر سان گڏ بلاڪ بسٽر فلم ”گجني“ جو سيڪوئل ٺاهڻ ۾ مصروف آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عامر خان گذريل سال نومبر ۾ اعلان ڪيو هو ته هو ڪجهه وقت لاءِ اداڪاري نه ڪندو ۽ رڳو نيون فلمون ٺاهڻ تي ڌيان ڏيندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عامر خان 2005ع جي ايڪشن ٿرلر فلم ”گجني“ جو حصو 2 ٺاهڻ جو خواهشمند آهي.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار پنهنجي نئين پروجيڪٽ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڀارتي شهر حيدرآباد جو دورو ڪري چڪو آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پروجيڪٽ جي حوالي سان عامر خان ۽ سندس ڪو پروڊيوسر الو اروند ۾ به ڳالهيون جاري آهن.

هن وقت تائين عامر خان پاڻ ڀارتي ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن خبرن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.

Read Previous

بلاول ڀارت مان خواري کانسواءِ ٻيو ڇا کڻي آيو، اسد عمر

Read Next

سپريم ڪورٽ پاران اٽارني جنرل کي سڀاڻي تائين پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم

Most Popular