آمريڪا پاران پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو

آمريڪا پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن تي ڪنهن به تبصري کان پاسو ڪيو ويو.

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي وچ ۾ ملاقات تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آمريڪا 20 سالن کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اڳتي آهي.

ترجمان موجب پاڪستان جي اقتصادي ترقي، ماحول ۽ توانائي پاڪستان ۽ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۾ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن.

واضح رهي ته خميس ڏينهن وزير اعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ريدگ پشين ۾ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو هو، جنهن ۾ ايران کان 100 ميگاواٽ جي ٽرانسميشن لائين پولان گبد جو به افتتاح ڪيو ويو هو.

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس ايراني صدر سان مفيد ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، جلد ايران سان آزاد واپار کي حتمي شڪل ڏينداسين.

Read Previous

عرب ليگ جي اجلاس ۾ فلسطين جي مسئلي جي مرڪزيت کي ورجايو ويو

Read Next

منهنجي شادي تي رڳو ڏيڍ لک رپيا خرچ ٿيا، امرتا رائو جو انڪشاف

Most Popular