فوجي تنصيبات، يادگارن ۽ شهيدن جي مزارن تي حملا ناقابل برداشت آهن: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جو هر جوان ۽ آفيسر سياسي تعصبن کان مٿانهون ٿي پنهنجي فرضن کي اوليت ڏئي ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ ويڙهاڪن جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي آپريشنز دوران بهادري ۽ قوم لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي فوجي اعزازن سان نوازيو.

51 آفيسرن کي اسٽار آف ڊسٽريڪشن (ملٽري)، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي بسالت ميڊل ۽ 2 جوانن کي گڏيل قومن جي اسپيشل ميڊل سان نوازيو ويو.

تقريب ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ شهيدن جي خاندانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

آرمي چيف چيو ته شهيدن جي فرض ۽ عظيم قربانين سبب اسان آزاد فضا ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون.

آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج هڪ اداري جي حيثيت سان پاڻ سان جڙيل هر فرد ۽ سندس خاندان کي هميشه ياد رکي ٿي ۽ هڪ خاندان جي حيثيت سان اسان جو لاڳاپو قابل فخر ۽ مثالي آهي.

جنرل سيد عاصم منير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر علائقائي، لساني ۽ سياسي تعصبن ۽ فرقن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي مٿانهون رکي ٿو، مضبوط فوج ئي ملڪ جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن آهي.

Read Previous

جناح هائوس تي حملي ڪيس ۾ خديجه شاهه جي گرفتاري جو اشارو

Read Next

شاهين شاهه آفريدي برطانيا روانو ٿي ويو

Most Popular