جناح هائوس تي حملي ڪيس ۾ خديجه شاهه جي گرفتاري جو اشارو

لاهور ۾ 9 مئي تي احتجاج دوران جناح هائوس تي حملي جي ڪيس ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

لاهور پوليس موجب خديجه شاهه کي اڃا تائين پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ نه آئي آهي، هن گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي پوليس آڏو پيش ٿيڻ لاءِ چيو هو.

واضح رهي ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻ خديجه شاهه گذريل ڏينهن پوليس حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

حملي جي مرڪزي جوابدار ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه هڪ مبينا آڊيو ليڪ ۾ پنهنجي گرفتاري جو اشارو ڏنو آهي.

Read Previous

چوڌري پرويز الاهي ڪيڏانهن ويو؟ گذريل رات کان رابطو ناهي ٿيو، خانداني ذريعا

Read Next

فوجي تنصيبات، يادگارن ۽ شهيدن جي مزارن تي حملا ناقابل برداشت آهن: آرمي چيف

Most Popular