عورتن لاءِ پنڪ گيمز ڪرائي رهيا آهيون: وهاب رياض

پنجاب جي راندين واري صلاحڪار وهاب رياض چيو آهي ته لاهور ۾ 7 کان 10 جون تائين عورتن لاءِ پنڪ گيمز منعقد ڪرائي رهيا آهيون.

لاهور ۾ ڊپٽي ڪمشنر رفيع حيدر ۽ ڊي جي اسپورٽس پنجاب ڊاڪٽر آصف طفيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وهاب رياض چيو ته پنڪ گيمز جو مقصد عورت رانديگرن کي وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ 5 ملين جا انعام رکيا ويا آهن.

وهاب رياض چيو ته ڊپٽي ڪمشنر رافعه حيدر گيمز جي سفير هوندي.

ان موقعي تي رافعه حيدر چيو ته عورتن جون رانديون پهريون ڀيرو منعقد ڪيون پيون وڃن، پهرين مرحلي ۾ لاهور ڊويزن ۾ مقابلا ڪرايا ويندا، نشتر پارڪ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ 700 رانديگر حصو وٺندا.

هن چيو ته 4 ڏينهن تائين 7 مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا، انهن راندين ۾ يونيورسٽي سطح جا رانديگر حصو وٺندا.

پريس ڪانفرنس ۾ وهاب رياض ايشيا ڪپ جي انعقاد واري معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وهاب رياض چيو ته ايشيا ڪپ کي وڏو مسئلو بڻايو ويو آهي، ميچون پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجن، اها سٺي ڳالهه آهي، سموريون وڏيون ٽيمون پاڪستان آيون آهن.

هن چيو ته سٺي ڳالهه هوندي ته ايشيا ڪپ هائبرڊ ماڊل تحت ڪرايو وڃي.

Read Previous

فاسٽ بالر احسان الله خان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڏجي ويو

Read Next

شاداب خان انگلش ڪائونٽي آف سسيڪس ۾ شامل ٿي ويو

Most Popular