فاسٽ بالر احسان الله خان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڏجي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي 20 ورهين جي فاسٽ بالر احسان الله خان شادي ڪري ڇڏي.

فاسٽ بالر احسان الله خان جي شادي جي نجي تقريب جي وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائيٽس تي وائرل ٿي رهي آهي.

وائرل ٿيل هن وڊيو ۾ کيس نڪاح جي تقريب ۾ اڇي شلوار قميص ۽ گري ويسٽ ڪورٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته احسان الله قومي ٽيم جي موجوده فاسٽ بالرز مان هڪ آهي، هن کي ڊسمبر 2022 ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽي 20 ميچ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو، ان سان گڏ بيٽسمين صائم ايوب ۽ حسيب الله خان به قومي ٽيم جي نوجوان رانديگرن مان هڪ آهن.

Read Previous

هميشه سازش تحت سنڌين کي گهٽ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي وڌيڪ ڳڻيو وڃي ٿو: رياض چانڊيو

Read Next

عورتن لاءِ پنڪ گيمز ڪرائي رهيا آهيون: وهاب رياض

Most Popular