چونڊن ۾ دير سان ناڪاري قوتون سرگرم ٿينديون آهن، چيف جسٽس

سپریم کورٹ

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته چونڊن ۾ دير سان ناڪاري قوتون سرگرم ٿينديون آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجل سواتي چيو ته هڪ آرٽيڪل تي عمل ڪندي ٻئي جي ڀڃڪڙي نه ٿي ڪري سگهجي، 90 ڏينهن جي دير کي آرٽيڪل 254 سان قانوني مدد ملي سگهي ٿي، چونڊن ۾ 90 ڏينهن جي دير جو ازالو ٿي سگهي ٿو، نظرثاني درخواست مرڪزي ڪيس جو تسلسل هوندي آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان هوا ۾ تير هڻندا رهو، اسان آسمان ڏانهن ڏسندا رهنداسين، گهٽ ۾ گهٽ ٽارگيٽ ڪري فائر ڪريو، خبر تي پوي ته چوڻ ڇا پيا چاهيو، ازالو ته ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ساڍا چار سال لاءِ نگران بدران چونڊيل حڪومت به اچي سگهي ٿي، آئين ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته چونڊيل حڪومت 6 مهينا ۽ نگران حڪومت ساڍا 4 سال رهي؟

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته آئين ۾ 90 ڏينهن جو وقت به ڏنو ويو آهي، نگران حڪومت اچي ٿي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته نگران حڪومت جو مدو وڌائي سگهجي ٿو؟ نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ آئين جي روح جي خلاف آهي.

وڪيل سوجيل سواتي چيو ته مان عدالت جي راءِ سان متفق آهيان، آئين جو مقصد چونڊيل حڪومتون ۽ جمهوريت آهي، ملڪ کي چونڊيل حڪومت ئي هلائي سگهي ٿي، جمهوريت کي بريڪ نه ٿو لڳائي سگهجي، جڏهن آئين 1973ع ۾ ٺاهيو ويو هو. نگران حڪومتن جو ڪو تصور ئي نه هو.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جڏهن آئين ٺاهيو ويو ته مضبوط اليڪشن ڪميشن ٺاهي وئي، نگران حڪومتون آئين ۾ رڳو اليڪشن ڪميشن جي سهولت لاءِ شامل ڪيون ويون، شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن نه ٿو چئي سگهي ته فنڊ نه آهن ان ڪري اليڪشن نه ٿي سگهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اليڪشن ڪميشن سياست جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اهي سياست جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چونڊون دير سان ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ چونڊن ۾ دير ٿيڻ سان ناڪاري قوتون سرگرم ٿي وينديون، آئين جي محافظ عدالت ڪيترو وقت خاموش رهندي؟ آرٽيڪل 224 کي ڪيترو وقت سرد خاني ۾ رکي سگهجي ٿو؟

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته 9 مئي جي واقعن اليڪشن ڪميشن جي خدشن کي درست ثابت ڪيو.

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته عدالت کي خدشن جي نه پر آئين جي اصولن تي ڳالهائڻو آهي.

Read Previous

سولر سيل جو وڌندڙ استعمال قدرتي ٻارڻ کي ختم ڪري سگهي ٿو

Read Next

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شاگردن ۽ شهيدن جي ٻارن سان ملاقات

Most Popular