سسپنس سان ڀرپور رومانوي فلم ”ديوانا“ 2 جون تي رليز ٿيندي

لنڊن جي خوبصورت هنڌن تي فلمايل سسپينس سان ڀرپور رومانوي اردو فيچر فلم ”ديوانه“02 جون تي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ رليز ڪئي ويندي.

ڊسٽري بيوشن ڪلب پاران پيش ڪيل فلم ”ديوانا“ ۾ مشهور فنڪار عدنان خان ۽ باصلاحيت فنڪاره زارا اڪبر مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

فلم جو ليکڪ ۽ هدايتڪار شفيق الرحمان آهي جڏهن ته فلم جي موسيقي مشهور ڪمپوزر ايم ارشد ترتيب ڏني آهي.

گوندل فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ هيءَ فلم سسپنس، رومانس ۽ ڪاميڊي سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه برطانوي فنڪارن به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا آهن.

ڊسٽريبيوشن ڪلب جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد رشيد جو چوڻ آهي ته فلم ”ديوانا“ سسپنس، ايڪشن ۽ جاندار ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سمورن فنڪارن ڀرپور دل سان پرفارم ڪيو آهي.

Read Previous

ٽنڊي آدم ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ دوران 2 نوجوان واهه ۾ ٻڏي فوت

Read Next

قطري شخص کي سمارٽ نماز جي جاءِ ايجاد ڪرڻ تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو

Most Popular