قطري شخص کي سمارٽ نماز جي جاءِ ايجاد ڪرڻ تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو

سمارٽ فونز، ٽي وي، واشنگ مشين ۽ ٻين گيجٽس کانپوءِ هاڻي پهريون ڀيرو هڪ سمارٽ نماز جي جاءِ ٺاهي وئي آهي ۽ ان جي موجد کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب قطر جي هڪ شخص کي جنيوا ۾ منعقد 48هين عالمي ايجاد نمائش ۾ دنيا جي پهرين سمارٽ نماز جي جاءِ ايجاد ڪرڻ تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قطري انجنيئر عبدالرحمان صالح خامس چيو ته هن پنهنجي ايجاد کي سجده جو نالو ڏنو آهي، جنهن سان اسلام قبول ڪندڙ نون مسلمانن کي نماز سکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مدد ملندي.

هن چيو ته ان ۾ اسڪرين ۽ لائيٽون لڳايون ويون آهن، ان کان علاوه اسپيڪر جيڪي شاگردن کي انگريزي ۽ عربي ٻولين ۾ 25 کان وڌيڪ مختلف طريقن سان نماز پڙهڻ سيکاريندا آهن.

Read Previous

سسپنس سان ڀرپور رومانوي فلم ”ديوانا“ 2 جون تي رليز ٿيندي

Read Next

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هائبرڊ ماڊل تي ايشيا ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular