ڪرسٽيانو رونالڊو جي خدمتن باوجود سعودي ڪلب ٽائيٽل وڃائي ويٺو

دنيا جي سڀ کان مهانگي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي خدمتن جي باوجود به سعودي ڪلب ٽائيٽل کان محروم ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي پرو ليگ ۾ پنهنجي ٽيم النصر لاءِ ٽائيٽل کٽڻ ۾ ناڪام رهيو.

النصر ۽ الفطيف جي وچ ۾ ميچ هڪ هڪ گول تان برابر ٿي وئي.

التحاد الفيحا کي 3-0 تان شڪست ڏئي سعودي پرو ليگ جو ٽائيٽل کٽي ورتو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرسٽيانو رونالڊو جي اچڻ سان النصر جي مداحن کي وڏيون اميدون هيون ته هو هن ڀيري جشن ملهائيندا پر ائين نه ٿي سگهيو.

Read Previous

پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس شاهه جهان ملائيشيا جو دورو

Read Next

اڌ آبادي کي سياست کان ٻاهر رکڻ کان وڏو ڪو به ظلم ناهي، عمران خان

Most Popular