محمد عامر جي نظر ۾ پاڪستان جا ٽاپ 5 بالر ڪهڙا آهن؟

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر قومي ٽيم جي 5 بهترين بالرن ۾ پهرين نمبر تي پاڻ کي رکي ڇڏيو.

31 ورهين جي محمد عامر 2020ع ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته تجربي جي حوالي سان هو پاڻ کي قومي ٽيم جي ٽاپ بالرز ۾ پهرين جاءِ ڏيندو.

ڪرڪيٽر محمد عامر تازو ئي جيو نيوز جي شو ”هنسانا موني هي“ ۾ نظر آيو، جنهن دوران ميزبان تابش هاشمي کانئس قومي ٽيم جي ٽاپ 5 بالرز بابت سوال ڪيو.

تابش هاشمي محمد عامر کي بالر شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، نسيم شاهه، محمد حسنين ۽ وسيم جونيئر جو آپشن ڏنو ۽ پڇيو ته بهترين نمبر تي ڪير آهي؟

محمد عامر چيو ته نسيم مڪمل بالر آهي، هو نئون آهي پر بالنگ جي هر قسم جو ڄاڻو آهي.

Read Previous

مان عليز شاههسان هڪ ٻيو پروجيڪٽ ڪرڻ چاهيان ٿو، ياسر نواز

Read Next

سڀ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا: شاهد آفريدي

Most Popular