سمهڻ کان اڳ فيس بوڪ تي پوسٽ ڪرڻ کان پاسو ڪريو

ڊيوڪ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب سمهڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ سان ننڊ ۾ ٽي ڪلاڪ دير ٿي سگهي ٿي.

محققن 50,000 ماڻهن تي ڪيل هڪ مطالعي ۾ اهو معلوم ڪيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي سمهڻ جي هڪ ڪلاڪ اندر سوشل ميڊيا تي ڪجهه پوسٽ ڪندا آهن انهن کي سمهڻ ۾ ٻه ڀيرا وڌيڪ وقت لڳندو آهي.

مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته جن ماڻهن سمهڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا پوسٽون شيئر ڪيون، انهن کي هڪ ڀيرو پوسٽ ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ دير سان ننڊ آئي.

اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن پوسٽ کي پسند ڪرڻ ۽ تبصرو ڪرڻ جو خيال ايڊرينالين نالي هارمون جي مقدار کي وڌائي ٿو، اهي هارمون ننڊ ۾ مداخلت ڪن ٿا، فون مان نڪرندڙ نيري روشنيءَ کي به اسان جي ننڊ ۾ خلل جو سبب سمجهيو ويندو آهي.

Read Previous

واٽس ايپ ۾ گروپ چيٽنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ نئون تجربو

Read Next

واٽس ايپ صارفين لاءِ ٻه نيون اپڊيٽس کڻي آيو

Most Popular