عاليا ڀٽ جو نانو نريندر ناٿ رازدان 94 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جو نانو نريندر ناٿ رازدان 94 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب نريندر رازدان کي ڦڦڙن جي شديد انفيڪشن سبب گذريل مهيني ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي به پنهنجي ناني جي موت جي تصديق ڪئي آهي.

واضح رهي ته گذريل مهيني عاليا ڀٽ پنهنجي ناني جي طبيعت خراب ٿيڻ تي پرڏيهه ۾ هڪ ايوارڊ شو ۾ شرڪت منسوخ ڪئي هئي.

Read Previous

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمين جون ٻه مهينا موڪلون اڄ کان شروع

Read Next

ڀارت ۾ نئين پارليامينٽ هائوس جي افتتاحي تقريب، نصير الدين شاهه جي موديءَ تي تنقيد

Most Popular