ڀارت ۾ نئين پارليامينٽ هائوس جي افتتاحي تقريب، نصير الدين شاهه جي موديءَ تي تنقيد

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت جي نئين پارليامينٽ هائوس جي افتتاحي تقريب تي تنقيد ڪئي آهي.

تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ نصير الدين شاهه پارليامينٽ جي نئين عمارت جي افتتاح جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ليڊر (نريندر مودي) پنهنجي لاءِ هڪ يادگار تعمير ڪرڻ چاهي ٿو، اهڙي طرح کيس ياد رکيو ويندو.

ڀارت ۾ پارليامينٽ جي نئين عمارت جي ضرورت جو اعتراف ڪندي هن چيو ته پراڻي پارليامينٽ جي عمارت 100 سال پراڻي هئي ان ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته نئين عمارت جي ضرورت هئي پر ڇا اهڙي افتتاحي تقريب جي به ضرورت هئي؟ جتي توهان هر شيءِ ۾ مذهبي پهلو متعارف ڪرائي رهيا آهيو.

نصيرالدين شاهه چيو ته اهڙي ڪوڙي شان ۽ شوڪت جي ڪري ملڪ ڏکويل آهي، توهان پنڊتن سان گهيريل جمهوري ملڪ جي پارليامينٽ ۾ ائين داخل ٿيو ڄڻ انگلينڊ جو بادشاهه پادرين سان گهيريل عصا کڻي محل ۾ داخل ٿيو.

Read Previous

عاليا ڀٽ جو نانو نريندر ناٿ رازدان 94 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

پرينيتي چوپڙا جو عابده پروين ۽ نصيبو لال جي ڳايل مشهور گيت”تو جهوم“ جو ورزن جاري

Most Popular