اٽلي سعودي عرب کي هٿيار وڪرو تي پابندي ختم ڪري ڇڏي

اٽلي سعودي عرب کي هٿيارن جي وڪرو تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي، اهڙو فيصلو ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

اٽلي 2019 ۽ 2020 ۾ سعودي عرب کي فوجي سامان جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪئي ته جيئن اهي هٿيار يمن تڪرار ۾ استعمال نه ٿي سگهن.

اطالوي حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته موجوده صورتحال جي روشني ۾ هن پابندي جي هاڻي ضرورت ناهي.

حڪومت سعودي عرب جي تازي امن ۽ ثالثي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

Read Previous

پاناما پيپرز ۾ 436 ماڻهن خلاف جاچ، سراج الحق جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

Read Next

آمريڪي خاتون اول مصر پهچي وئي، صدر فتح السيسي سان ملاقات ڪندي

Most Popular