آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن 6 جون کان سعودي عرب جو دورو ڪندو

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن 6 جون کان سعودي عرب جو 3 ڏينهن جو دورو ڪندو.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته انتوني بلنڪن سعودي عرب جي دوري دوران سعودي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.

ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ انتوني بلنڪن چيو آهي ته هو سعودي عرب ۾ خليج تعاون ڪائونسل ۽ آمريڪا جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

هن چيو ته هو رياض ۾ داعش خلاف وڙهندڙ 80 ملڪن جي اتحاد جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو.

Read Previous

ڀارت ۾ ٽرين حادثو، فوتين جو انگ 288 ٿي ويو

Read Next

ڀارتي ريسلنگ فيڊريشن جي سربراهه کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ ٻيو الٽي ميٽم

Most Popular