روس يوڪرين جي سوين فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

روس يوڪرين جي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ سوين فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

روسي بچاءَ واري وزارت موجب يوڪرين ڏکڻ ڊونيٽسڪ ۾ 6 مشيني، 2 ٽينڪ بٽالين سان حملو ڪيو جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

روسي بچاءَ واري وزارت موجب روسي فورسز يوڪرين جا 250 فوجي ماري ڇڏيا، ٽينڪ، پيادل گاڏيون ۽ 21 هٿياربند ويڙهاڪ گاڏيون تباهه ڪيون.

ٻئي طرف پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين طرفان روسي دعويٰ تي ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.

Read Previous

پاڪستاني شهرين جي ويزا جي طريقيڪار کي تيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: ڪينيڊين وزير

Read Next

ورجينيا جي جبلن ۾ هڪ ننڍو جهاز ڪري تباهه

Most Popular