بيجنگ فلسطين مسئلي جي جٽادار حل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شي جن پنگ

چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته بيجنگ فلسطين مسئلي جي جٽادار حل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

فلسطيني هم منصب محمود عباس سان ملاقات دوران شي جن پنگ چيو ته چين فلسطين مسئلي جي جامع، منصفاڻي ۽ جٽادار حل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

محمود عباس گذريل ڏينهن چين جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهتو.

چيني صدر چيو ته بيجنگ فلسطين سان سهڪار ۽ رابطا مضبوط ڪندو.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ فلسطين سٺا دوست ۽ سٺا ڀائيوار آهن جيڪي هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ حمايت ڪن ٿا.

Read Previous

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فرانس روانو

Read Next

بپرجوئي طوفان ڀارتي رياست گجرات کان 290 ڪلوميٽر پري

Most Popular