بپرجوئي طوفان ڀارتي رياست گجرات کان 290 ڪلوميٽر پري

سائيڪلون بپرجوئي گجرات ۾ ديو ڀومي دوارڪا کان 290 ڪلوميٽر پري آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان بپرجوئي گجرات جي شهر ديو ڀومي دوارڪا کان 290 ڪلوميٽر ۽ جاخواپورٽ کان ڏکڻ اولهه طرف 280 ڪلوميٽر پري آهي.

موسميات کاتي موجب طوفان جي اثر هيٺ گجرات جي سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته طوفان اچڻ تي 125 کان 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلڻ جو امڪان آهي.

هنن جو چوڻ آهي ته طوفان جي اثر هيٺ ڪجهه حصا، دوارڪا، پوربندر، ڄام نگر، راجڪوٽ، جهوناڳڙھ، گرسومناٿ ۾ اڄ 65 کان 85 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلڻ جو امڪان آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ديو ڀومي، دوارڪا ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪڇ، پوربندر، راجڪوٽ، موربي، جهونا ڳڙهه ضلعن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

ياد رهي ته طوفان سبب متاثر ٿيندڙ علائقن مان 45 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

Read Previous

بيجنگ فلسطين مسئلي جي جٽادار حل لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شي جن پنگ

Read Next

ٽيم جي شڪست تي سموري ذميواري سليڪشن ڪميٽي جي ڪلهن تي هوندي، هارون رشيد

Most Popular