يونان ٻيڙي حادثو: گجرات ۽ گوجرانوالا ۾ به ايجنٽن خلاف ڪيس داخل، گرفتاريون

يوان ٻيڙي حادثي جا 3 ڪيس گجرات ۽ هڪ گوجرانوالا ۾ داخل ڪيو ويو آهي، 3 ڪيس بچي ويلن جي بيانن جي روشني ۾ داخل ڪيا ويا آهن.

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ٻيڙي حادثي جا 3 ڪيس پنهنجي شڪايت ۾ داخل ڪيا آهن، جڏهن ته هڪ ڪيس حادثي ۾ بچي ويل عظمت خان جي ڀاءُ جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي گجرات جي 3 ڪيسن ۾ 12 انساني اسمگلرن کي نامزد ڪيو آهي، گوجرانوالا ڪيس ۾ 5 انساني اسمگلرن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

نامزد انساني اسمگلرن ۾ آصف سنيارا، ميان عرفان، ساجد وڙائچ ۽ رياست شامل آهن، ان کانسواءِ نامزد جوابدارن ۾ راڻا نقاش، نديم اسلم ۽ محمد اسلم جا نالا به شامل آهن.

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) گجرات مان يونان ۾ آيل مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏڻ جي ذميوار انساني اسمگلرن جي ايجنٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتار ايجنٽ جو تعلق وزير آباد سان آهي، جيڪو لبيا ۾ سينٽرل ايجنٽن کي رقم موڪليندو هو.

وفاقي جاچ اداري جي عملدارن چيو آهي ته جوابدار کي مقتول جي گهرواري جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

يوناني ڪوسٽ گارڊز پاران مهاجرين جي ٻيڙي ڄاڻي واڻي ٻوڙي وئي

Read Next

اسان تحريڪ انصاف جي ايجنڊا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: مولانا فضل الرحمان

Most Popular