ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق پاران جمهوريت تي هنيل راتاهي کي 46 سال مڪمل

اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق پاران جمهوريت تي هنيل راتاهي کي 46 سال مڪمل ٿي ويا آهن.
5 جولاءِ 1977 تي آمر ضياءُ الحق ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهيو هو.
پيپلزپارٽي پاران هر سال جيان اڄ به سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
5 جولاءِ 1977 تي مارشل لا لڳائڻ بعد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس وزيرن کي گرفتار ڪيو ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سياسي مخالفن جي قتل جي الزام هيٺ 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏني وئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏنو ويو، پيپلزپارٽي پاران شهيد ڀٽو کي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل ريفرنس تي اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.
پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977 پاڪستان جي تاريخ ۾ اونداهي ترين دور جي شروعات جو ڏهاڙو آهي، ان ڏهاڙي تي ورهاڱي جا ڇٽيل ٻج اڄ به نفرتن جو ڦل ڏئي رهيا آهن.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ جي موقعي تي جاري ڪيل ٽويٽ ۾ چيو ته اچو ته ورهاڱي ۽ نفرت واري سياست کي رد ڪري آمرن جي ورثي کي دفن ڪري ڇڏيون.

Read Previous

گلگت-بلتستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر نذير احمد خلاف بي اعتمادي رٿ جمع

Read Next

ڪراچي: گلستان جوهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ناريءِ سان زيادتي جي ڪوشش

Most Popular