ڪراچي: گلستان جوهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ناريءِ سان زيادتي جي ڪوشش

ڪراچي: گلستان جوهر ۾ ناريءَ سان ڏينهن ڏٺي جو زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. ناريءَ طرفان مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ڄاڻايل واقعو گلستان جوهر بلاڪ 4، هزاره ڳوٺ ڀرسان پيش آيو جتي واٽهڙو ناريءَ سان هڪ جنوني جوابدار زبردستي پڪڙي زيادتي جي ڪوشش ڪئي. جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن.

وڊيو ۾ ڏسي سگهي ٿو ته گهٽيءَ ۾ جوابدار موٽر سائيڪل وٽ بيٺل آهي ان دوران اوبايو پاتل ناري گهٽيءَ مان گذري ٿي ته جوابدار ان سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ناريءَ طرفان مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار موٽر سائيڪل تي ويهي فرار ٿي وڃي ٿو.

جوابدار جي موٽر سائيڪل تي نمبر پليٽ به لڳل نه هئي جڏهن ته جوابدار کي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ ماسڪ به پاتل آهي.

پوليس موجب اڃان تائين ڪنهن به واقعي جي شڪايت داخل ناهي ڪئي وئي. سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان جاچ ڪري رهيا آهيون. پوليس کي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.

Read Previous

ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق پاران جمهوريت تي هنيل راتاهي کي 46 سال مڪمل

Read Next

اسرائيل ۾ غير قانوني نوڪري ڪندڙ ميرپورخاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ايف آءِ اي هٿان گرفتار

Most Popular