روسي ميزائل يوگيني پرگوزين جي جهاز کي تباهه ڪري ڇڏيو، آمريڪا

روس ۾ جهاز حادثي ۾ نجي مليشيا ويگنر گروپ جي سربراهه جي مارجي وڃڻ کانپوءِ آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته کين يقين آهي ته روس اندران ئي ميزائل ڪري يوگيني پرگوزين جو جهاز ڪيرايو هوندو.

واشنگٽن مان هڪ بيان ۾، آمريڪي اهلڪارن چيو آهي ته پرگوزين جي جهاز کي ممڪن طور تي زمين کان فضائي ميزائل ذريعي ماريو ويو.

آمريڪي عملدارن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پرگوزين جي موت بابت ڄاڻ اڃا تائين ابتدائي ۽ جائزو هيٺ آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ويگنر گروپ جو سربراهه يوگيني پرگوزين گذريل ڏينهن روس ۾ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو هو. ويگنر گروپ جون ۾ روسي صدر پوتن جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.

اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته ويگنر گروپ جي سربراهه يوگيني پرگوزين، بيلاروس جلاوطني معاهدي تي بغاوت جي خاتمي جو اعلان ڪيو.

Read Previous

واٽس اپ بيٽا ۾ ڪيترن ئي اڪائونٽن کي هلائڻ جو فيچر متعارف

Read Next

سعودي عرب پاران برڪس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت جي آجيان

Most Popular